ٿُڪ چٽڻ ڪنهن کي سکڻي هجي ته عمران خان کان سکي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ واري مامري تي معافي وٺڻ بابت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن ٿُڪ چٽڻ ڪنهن سکڻي هجي ته عمران خان کان سکي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن عمران خان عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ تي عدالت کان معافي وٺي ڇڏي هئي جنهن بعد عدالت مٿس فرد جرم لاڳو نه ڪيو هو جڏهن ته کيس حلفي بيان جمع ڪرائڻ لاءِ 29 هين سپٽمبر جو وقت ڏنو ويو هو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.