جاني ڊيپ گهرواري کان کٽي ويو، هڪ کانپوءِ هاڻي ٻئي وڪيل سان ڊيٽنگ جون خبرون

هاليووڊ جو ناليوارو اداڪار جاني ڊيپ اڳوڻي گهرواري خلاف ڪيس کٽڻ کانپوءِ عورت وڪيل سان ڊيٽنگ ڪرڻ لڳو آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب جاني ڊيپ اڄڪلهه هڪ عورت وڪيل سان ڊيٽنگ ڪري رهيو آهي. ڄاڻايل وڪيل جاني ڊيپ جي اها وڪيل هئي جنهن کيس برطانوي ميڊيا ”دي سن“ طرفان داخل ڪرايل ڪيس ۾ سوڀ ڏياري هئي.

ميڊيا رپورٽ موجب اڻهٺ سالن جو جاني ڊيپ پنهنجي وڪيل ڪيملي واسڪيز  سان محبت وارا افواهه گذريل سال کان هلي رهيا هئا وڪيل ڪيملي واسڪيز اهڙن افواهن کي سڌو سنئون ڪوڙ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو هو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Pubity (@pubity)

هاڻي وري ميڊيا رپورٽن ۾ اها دعويٰ ڪئي آهي ته جاني ڊيپ ڪيملي سان نه پر عورت وڪيل جوئيل وچ سان ڊيٽنگ ڪري رهيو آهي.

ڪيملي واسڪيز جاني ڊيپ کي اڳوڻي گهرواري امبر هرڊ طرفان لڳل الزامن کان آجو ڪرائيندي اهڙي ڪيس ۾ سوڀ ڏياري هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.