رنبير ڪپور جي محبت واري وڊيو مداحن جون دليون کٽي ورتيون

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جو ناليوارو اداڪار ۽ چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور پنهنجي ڪرندڙ مداحن کي اٿارڻ جي ڪري لکين دليون کٽي ورتيون.

رنبير ڪپور ۽ فلم ”براهمسفر“ جو هدايتڪار آيان مکرجي فلم جي نمائش ڏسڻ جي لاءِ ٿيٽر پهتا، ان دوران هائوس فل هجڻ جي ڪري ماڻهن جو گهڻو هجوم بيٺل هو.

مداحن ۽ شوقينن رنبير ڪپور کي چئني پاسن کان گهيري ورتو ۽ آٽوگراف وٺندا ۽ سيلفيون ڪڍندا رهيا.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Viral Bhayani (@viralbhayani)

ان دوران سيڪيورٽي جي لاءِ لڳايل رڪاوٽ تي مداحن جو وزن وڌي ويو ۽ اها رڪاوٽ ٽٽي پئي جنهن جي ڪري مداح هيٺ ڪري پيا.

رنبير ڪپور وٺ پڪڙ واري صورتحال ۾ اتان جلدي نڪرڻ جي بدران پنهنجي مداحن کي اٿارڻ ۾ لڳي ويو.

ان وڊيو جي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ٿيڻ سان ئي رنبير ڪپور سان نفرت جو اظهار ڪندڙ مداح به سندس ساراهه ڪرڻ تي مجبوري ٿي پيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.