اين آر او ٽو تي عمل ٿي رهيو آهي ۽ عمران خان سواءِ سڀ چُپ آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اين آر او ٽو تي عمل ٿي رهيو آهي پر عمران خان کانسواءِ سڀ چُپ آهن.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته اسحاق ڊار کي بري ڪرڻ جو تياريون ٿي رهيون آهن، پر مان حيران آهيان ته عدالتون اهو تماشو ڏسي رهيون آهن ته ڪهڙي نموني جوابدار ۽ نيب گڏجي پاڪستان جو پئسو ٺڪاڻي لڳائي رهيا آهن.

فواد چوڌريءَ پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ لکيو ته اهو تماشو حڪومت جي تبديلي جو سڀ کان وڏو مقصد هو، بدقسمتي اها آهي ته اين آر آو ٽو تي عمل ٿي رهيو آهي ۽ عمران خان سواءِ سڀ چپ آهن.

پي ٽي آءِ اڳواڻ اڳوڻي ناڻي واري وزير جي حوالي سان خانگي ٽي وي چئنل جا ٽيڪرز پڻ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.