” پاڪستان ڏکئي ترين وقت مان گذري رهيو آهي“

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين تي آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي چيئرمين باب ميننڊيز چيو آهي ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي فوتگيون  ٿيڻ جو خدشو آهي.

آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي چيئرمين باب ميننڊيز چيو آهي ته پاڪستان ڏکئي ترين وقت مان گذري رهيو آهي،  ٻوڏ سبب اٽڪل ٽي هزار  فوتگين جو خدشو آهي، جڏهن ته 4 ڪروڙ پاڪستاني لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت جمهوريت ۽ انساني حقن جي مک معاملن ڏانهن ڌيان ڏنو ته نئين سر اڏاوت وارو عمل وڌيڪ بهتر نموني ممڪن ٿي سگهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.