انگلينڊ کي تاريخي شڪست ڏيڻ سان گڏ پاڪستان ڪيئي رڪارڊ به ٻهاري ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  انگلينڊ خلاف پاڪستان جي تاريخي ڪاميابي کان پوءِ قومي ٽيم انوکا ۽ اهم رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن.

ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٻه سئو رنسن جو هدف بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان جي حاصل ڪندڙ دنيا جي پهرين ٽيم بڻجي وئي آهي.

انگلينڊ خلاف ٻئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم 200 رنسن جو هدف حاصل ڪيو جيڪو ڪنهن به ٽيم طرفان ڪاميابي سان چيز ڪيل ٻيو سڀ کان وڏو ٽارگيٽ آهي.

ان کان اڳ نيوزيلينڊ جي ٽيم 2016ع  ۾ پاڪستان خلاف 169 رنسن جو هدف بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪيو هو.

پاڪستاني ٽيم 150 يا ان کان وڌيڪ هدف 2 ڀيرا حاصل ڪندڙ واحد ٽيم هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪري ورتو آهي، پاڪستان 2021ع  جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ روايتي مخالف ڀارت کي به 10 وڪيٽن هارايو هيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.