۽ جڏهن پريشان پاڙيسري ۽ پوليس دروازو ڀڃي ڪمري ۾ داخل ٿيا…..

اسان سُڪون واري ننڊ جا صحت لاءِ فائدا ته ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا آيا آهيون. توهان به پنهنجي علائقن ۾ سڪون جي ننڊ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ٻڌو هوندو پر ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي اهڙا ماڻهو به ملي ويندا آهن جيڪي ايتري ته سُڪون جي ننڊ ڪندا آهن جو انهن جي اها ننڊ غفلت واري ننڊ بڻجي ويندي آهي.

اهڙو ئي ڪجهه هن وڊيو ۾ موجود همراهه سان به ٿيو.

ڏسڻ هي ڪنهن هوٽل جو ڪمرو به لڳي رهيو آهي، جنهن ۾ همراهه ايتري ته سُڪون جي ننڊ سُتو جو ڀر واري ڪمرن جي ماڻهن ۽ انتظاميا سندس ڪمري جو در کڙڪائي کڙڪائي ٿڪجي نيٺ وڃي پوليس کي اطلاع ڏنو.

پوليس اهلڪار به پهچي دروازو کڙڪاڻڻ جا وس ڪري ڪري جڏهن ٿڪجي پيو ته هن هٿوڙي سان دروازو ڀڃي ڇڏيو.

 

ماڻهن جو هجوم جڏهن ڪمري ۾ اندر پهتو ۽ همراهه کي لوڏيو ته همراهه سڀني کي حيرت مان ڏسڻ لڳو.

ڇو ته ايترو وقت هي همراهه سُڪون جي ننڊ ۾ ستل هو.

همراهه جي اهڙي ننڊ تي موجود ماڻهو ۽ پوليس اهلڪار به حيرت ۾ وٺجي ويا.

ڏسو هيءَ وڊيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.