”ڀارت اسان جي ڪا مدد ناهي ڪئي، ٻنهي ملڪن جو نوجوان نسل امن چاهي ٿو“

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ ٻوڏ سان آيل تباهيءَ کانپوءِ ڀارت طرفان پاڪستان جي ڪا مدد ناهي ڪئي وئي ۽ ان مان اهڙي اميد به ناهي.

نيو يارڪ ۾ انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت سان اسان جا معاملا تڪراري رهيا آهن، بدقسمتي سان اڄ ڀارت اهو ڀارت ناهي رهيو، ڀارت سيڪيولر ناهي رهيو، اڄوڪو ڀارت تيزيءَ سان هندو بالادست ڏانهن وڌي رهيو آهي.

هن چيو ته گڏيل قومن ۽ ان جي سلامتي ڪائونسل کي نظرانداز ڪرڻ، تڪراري علائقي جون سرحدون تبديل ڪرڻ ۽ جاگرافيائي تبديلي جون ڪوششون ڪرڻ ڀارت سان اسان جي لاڳاپن کي تمام گهڻو محدود بڻائي ٿو، ڀارت جي نسل پرست، فاشسٽ ۽ اسلامو فوبيا پاليسي آهي، جنهن جو نه رڳو ڪشمير پر سڄي ڀارت ۾ ردعمل سامهون آيو.

سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جو نوجوان نسل پاڙيسرين کي امن سان رهندي ڏسڻ چاهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.