”پيٽ سان ٿيڻ“ جا پڪا امڪان،ماءُ بڻجڻ جي خواهشمند عورتن لاءِ اهم مشورو

گهڻي قدر شادي شده عورتون اولاد نه ٿيڻ جي مسئلن تي گهڻو پريشان ٿينديون آهن، ٿين به ڇو نه ڀلا، اولاد الله پاڪ جي ڏنل نعمتن مان هڪ بهترين نعمت آهي ۽ زال مڙس جي رشتي کي اڻٽٽ بڻائيندي آهي.

اڄوڪي آرٽيڪل ۾ اسان اهري عورتن انهن ڏينهن جي حوالي سان ٻڌائينداسين جن ڏينهن ۾ انهن کي ”پيٽ سان ٿيڻ“ اميدواري ٿيڻ جا گهڻا موقعا هوندا آهن.

ڊاڪٽر مريم رانا اهڙي حوالي سان وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن تي تمام تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

ڊاڪٽر مريم ڪنسلٽنٽ گائناڪالوجسٽ آهي ۽ ان سان گڏ ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي ڪم ڪري رهي آهي.

ڊاڪٽر مريم ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪري کي نارمل ماهواري مطلب ته اٺاويهه ڏينهن کانپوءِ ست کان اٺ ڏينهن تائين پيريڊز ايندا آهن ته ان ئي پيريڊز جي پهرين ڏينهن کان وٺي ڏينهن گڻڻ شروع ڪرڻ گهرجن. جڏهن ٻارهون ڏينهن اچي ته اِهو اُهو ڏينهن هوندو آهي جنهن ڏينهن تي ڇوڪرين جي پيٽ ۾ بيضو بڻجڻ شروع ٿي ويندو آهي.

ماهواري کانپوءِ ايندڙ چوڏهون ڏينهن اهو هوندو آهي جنهن ڏينهن تي ”پيٽ سان ٿيڻ“  اميدواري ٿيڻ جا امڪان تمام گهڻا هوندا آهن ڇو ته ان ڏينهن بيضو يا انڊو پنهنجي ميچوئر صورت ۾ پهچي ويندو آهي. جيتوڻيڪ انکانسواءِ به ٻين ڏينهن ۾ به اميدواري ٿي سگهي ٿي پر اِهو اُهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي ”پيٽ ٿيڻ“ اميدواري جا گهڻا امڪان هوندا آهن.

ماءُ بڻجڻ جو دارومدار مرد ۽ عورت جي صحت تي به هوندو آهي. ماهرن موجب شراب ۽ سگريٽ ڇڪڻ مردن ۾ بي اولادي کي جنم ڏيندا آهن انکانسواءِ عورتن کي به گهرجي ته صحتمند خوراڪ جو استعمال ڪنديون رهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.