اينجلينا جولي جي اکين ۾ لڙڪ !

جڳ مشهور هالي ووڊ اداڪارا اينجلينا جولي پاڪستان ۾ آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته جيتري تباهي هن سنڌ اچي ڏٺي آهي اها تباهي هن ڪڏهن ناهي ڏٺي.

ڪيترين ئي جاين تي ويندي سندس اکين ۾ لڙڪ به تري آيا ته ٻئي پاسي اسان جا فنڪار آهن جيڪي ڪيناڊا ۾ موجود آهن

ياد رهي ته جڳ مشهور اداڪارا ۽ گڏيل قومن جي خاص سفير اينجلينا جولي 20 سيپٽمبر تي پاڪستان پهتي هئي جنهن اڄ پڻ سنڌ جي ڪجهه ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو آهي.

پاڪستان هن وقت موسمياتي تبديلي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي ۽ وڏي تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي

سينيئر اداڪارا نور بخاري بخاري کي اينجلينا جولي کي پاڪستان ۾ ڏسي شرمندگي ٿي رهي آهي

ان جو سبب اهو آهي ته مشهور آمريڪي اداڪارا ٻوڏ واري صورتحال ۾ پاڪستان پهتي آهي جڏهن ته پاڪستاني فنڪارن جو وڏو انگ ڪيناڊا ۾ موجود آهي

نور بخاري اينجلينا جولي جي تعريف ڪئي آهي

سينيئر اداڪارا پاڪستاني فنڪارن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته حديقا ڪياني ۽ ريشم کانسواءِ ٻيا هٿ ٺوڪيا فنڪار ڪٿي نظر ڪونه ٿا اچن

سندس چون هو ته اسان جا فنڪار هونئن ته هر شاپنگ مال ۽ هر گهٽي ۾ جهمريون هڻندا وتندا آهن، هاڻي ڪٿي آهن؟


ٻئي پاسي پاڪستان پيپلزپارٽي جي سرگرم ميمبر شرميلا فاروقي به مايوس آهي
ڪيترائي شوبز فنڪار شرميلا فاروقي جا دوست آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو شرميلا فاروقي به پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ فنڪارن جو ملڪ ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي
شرميلا فاروقي کانسواءِ سوشل ميڊيا جا ٻيا واهپيدار به ساڻس اتفاق ڪندي فنڪارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.