مهسا اميني جي موت جو ڏک اٿم، جيڪڏهن ڪير مونکي مٿو ڍڪڻ تي مجبور ڪندو ته احتجاج ڪنديس: ملالا

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) نوبيل انعام ماڻيندڙ انساني حقن جي متحرڪ اڳواڻ ملالا يوسفزئي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪير مونکي منهنجو اسڪارف لاهڻ لاءِ مجبور ڪندو ته مان احتجاج ڪنديس.

سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ملال يوسفزئي ايراني ناري مهسا اميني جي موت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته  هڪ عورت جيڪو ڪجهه پهرڻ چاهي ان جو کيس اختيار هئڻ گهرجي.

هن وڌيڪ لکيو ته مان پهريان به چئي چڪي آهيان ته جيڪڏهن ڪير مونکي مٿو ڍڪڻ تي مجبور ڪندو ته مان ان تي احتجاج ڪنديس ۽ جيڪڏهن ڪير مونکي اسڪارف لاهڻ لاءِ مجبور ڪندو ته مان ان تي پڻ احتجاج ڪنديس.

ملالا ايراني ناري جي موت جي شفاف جاچ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.