ماحولياتي آفتون: حنا رباني کر عالمي برادري کي اهم تجويز ڏئي ڇڏي

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته عالمي سطح تي اهڙو فنڊ هجڻ گهرجي، جيڪو ماحولياتي آفتن کي منهن ڏيندڙ پاڪستان جهڙن ملڪن جي مدد ڪري سگهي.

نيو يارڪ ۾ ڳالهائيندي حنا رباني کر چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ مختلف فورمز تي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون هاڪاري رهيون، سياست ٿيندي رهندي، هن وقت پاڪستان لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.

ان کان اڳ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مان ٻوڏ بابت صورتحال جو جائزو ورتو آهي، متاثر علائقن ۾ ٻارن لاءِ خوراڪ جي سخت کوٽ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.