هي عورت ٻوڏ متاثرن کي پنهنجي هٿن جو ٺهيل کاڌو کارائي ٿي

ملڪ ۾ ٻوڏ سبب مصيبت جي هن وقت ماڻهو مختلف طريقن سان مستحق ماڻهن جي مدد ڪري رهيا آهن پر ڪجهه ماڻهن پنهنجي وس آهر جيڪو طريقو چونڊيو آهي اهو انوکو آهي. انهن ماڻهن مان سيده اوج فاطما رضوي به آهي.

هڪ رپورٽ موجب اوج فاطما کي بلوچستان ۾ ٻوڏ جي ڄاڻ ملي ته هوءَ اڪيلي سر لاهور کان ڪوئٽا بک ڪاٽيندڙ ٻوڏ متاثرن کي کاڌو کارائڻ پهتي. هوءَ مختلف متاثر علائقن ۾ پنهنجي هٿن سان کاڌو ٺاهي ورڇ ڪندي رهي آهي.

بصر ڪٽڻ کان شين جي خريداري سوڌو سڄو ڪم هوءَ پاڻ ڪندي آهي.

هن هٿن تي نشان ڏيکاريندي چيو ته جيئن ماڻهو پنهنجي پيارن لاءِ پنهنجي هٿن سان کاڌو ٺاهيندا آهن اهڙي طرح هوءَ به کاڌو پاڻ ٺاهيندي آهي ته جيئن ڏکيائين کي منهن ڏيندڙ ماڻهن کي محسوس ٿيئي ته هي کاڌو هنن لاءِ ڪنهن پياري پنهنجي هٿن سان تيار ڪيو آهي.

هن خانگي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته هن جو مقصد اهو ڪم ڪرڻ پٺيان اهو رهيو آهي ته سڀ ماڻهو پنهنجي وس آهر هن مشڪل گهڙي ۾ ماڻهن جي مدد ڪن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته مالي مدد لاءِ هوءَ ڪنهن مخصوص اداري يا ماڻهو کان امداد ناهي وٺندي پر هن فيس بوڪ تي پوسٽ لڳائي ته جنهن کي به مدد ڪرڻي آهي اهي هن سان رابطو ڪن.

اوج فاطما ٻڌايو ته جڏهن هوءَ بلوچستان پهتي ته اتي نه بجلي هئي، نه گيس جنهن سبب کيس ڪاٺين تي کاڌو ٺاهڻو پيو هو.

هن چيو ته هوءَ جڏهن ماڻهن ۾ کاڌو ورڇ ڪندي آهي ته انهن جي چهرن تي جيڪا مرڪ ايندا آهي ان سان دلي سڪون ملندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.