”ٿينڪ يو“ نه چوڻ تي همراهه قتل

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ بظاهر ”ٿينڪ يو“ نه چوڻ تي هڪ شخص کي قتل ڪيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو نيو يارڪ جي علائقي بروڪلين ۾ پيش آيو، جتي 37 ورهين جي همراهه کي مهرباني نه چوڻ تي تکي اوزار سان موت جي ننڊ سمهاريو ويو.

قاتل ۽ مقتول وچ ۾ فورٿ اوينيو ۾ هڪ دڪان اندر جهيڙو ٿيو، مبينا طور تي قاتل مقتول لاءِ دڪان جو در کوليو هو، جنهن تي مقتول ٿينڪ يو نه چيو، ان تي ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ جوابدار تکي اواز سان مهرباني نه چوندڙ شخص کي ماري ڇڏيو.

ان واقعي جي دڪان اندر ۽ ٻاهر جي سي سي ٽي وي فوٽيج به منظر تي اچي وئي آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻن ڄڻن ۾ جهيڙو شروع ٿئي ٿو ۽ وڙهندي وڙهندي دڪان جي ٻاهر اچي وڃن ٿا، جتي هڪ ٻئي تي حملو ٿو ڪري.

واردات جي اکين ڏٺي شاهد دڪان تي ڪم ڪندڙ ملازم تصديق ڪئي آهي ته ٻنهي ۾ ٿينڪ يو نه چوڻ تي جهيڙو ٿيو.

پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.