زرداري ۽ نواز شريف ڊرون حملن جي اجازت ڏني، ٻئي غلام آهن: عمران خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته منهنجو واعدو آهي هن ڀيري توهان کي اسلام آباد ۾ لڪڻ نه ڏيندس.

اسلام آباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 25 مئي تي اسان جي تياري نه هئي، اسان پرامن احتجاج لاءِ نڪتاسين، اسان تي ظلم ڪيو ويو، راڻا ثناءُ الله کي هاڻ ڳڻتي ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هيل تياري ڪري اينداسين.

هن چيو ته اهي پنهنجا ڪرپشن ڪيس معاف ڪرائي رهيا آهن ۽ ماڻهو مهانگائيءَ سبب عذاب ۾ آهن، آءِ ايم ايف چئي رهيو آهي ته بجلي اڃا مهانگي ٿيندي، انهن جو حڪومت ۾ اچڻ جو مقصد عوام جي خدمت نه پنهنجي چوري بچائڻ آهي.

سندس چوڻ هو ڇنڇر تي فيصلو ڪندس ته ڪڏهن سڏ ڏيڻو آهي، ڪال ڏيڻ جو فيصلو تڏهن ڪندس جڏهن ڏسندس ته منهنجا ٽائيگرز آزادي لاءِ تيار آهن، آزادي ڪو پليٽ ۾ رکي ناهي ڏيندو، جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي.

عمران خان چيو ته هن نظام تي قبضو ڪندڙ اڄ مزا ڪري رهيا آهن، نظام تي قابض ماڻهو اسان کي جيئڻ نه پيا ڏين، اسان ملڪ کي حقيقي آزادي ڏيارينداسين، آزادي لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي، جهاد ڪرڻو پوندو آهي.

تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته اسان روس کان 5 مهينا اڳ تيل ۽ ڪڻڪ جي ڳالهه ڪري چڪا هئاسين، پاڪستان ۾ بدترين مهانگائي آهي، ڪنهن ۾ جرئت نه هئي ته سستو تيل ۽ ڪڻڪ وٺي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان 890 هزار جانين جو نذرانو پيش ڪيو، اسان ٻئي ملڪ جي جنگ ۾ شامل ٿياسين، ملڪ تباهه ٿي ويو، قبيلائي علائقن ۾ ڊرون حملا ٿيا.

هن ن ليگ قائد ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين کي مخاطب ٿيندي چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻئي غلام آهن، جن جو پئسو ٻاهر پيو آهي، انهن ٻنهي ڊرون حملن جي اجازت ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.