ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ نياڻين کي سپورٽ ڪريو، ڪائنات امتياز جي والدين کي درخواست

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ڪائنات امتياز چيو آهي ته ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي مڙس کي ڳاليهون ٻڌڻيون پونديون آهن.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪائنات امتياز چيو ته اسان کان سدائين اهو سوال ڪيو ويندو آهي ته شادي شده هئڻ سبب توهان کي ڪو مسئلو ته ناهي پر  اهڙي قسم جا سوال ڇوڪرن کان به ته ڪيا  وڃن ڇاڪاڻ ته شادي کانپوءِ به گهڻي قدر مرد ڪرڪيٽرز راند کيڏي رهيا هوندا آهن.

هن چيو ته شادي شده هئڻ سبب مونکي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کي منهن ناهي ڏيڻو پيو، مان سمجهان ٿي ته راند ۾ شادي شده واري مسئلي کي رڳو ڇوڪريون ئي نه ڇوڪرا به منهن ڏئي سگهن ٿا.

پاڪستاني ڪرڪيٽر وڌيڪ چيو ته والدين تمام گهڻي سپورٽ ڪئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ مان پاڪستان لاءِ کيڏي رهي آهيان، شادي بعد هاڻي ساهرا پڻ اتساهي رهيا آهن، مڙس تمام گهڻو سپورٽ ڪندو آهي ۽  ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي منهنجي مڙس کي ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون آهن.

هن والدين کي درخواست ڪندي چيو ته ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ  پنهنجي نياڻين کي سپورٽ ڪريو، جيڪڏهن سپورٽ نه ڪندئون ته ڇوڪريون راندين واري پاسي ڏانهن نه اچي سگهنديون.

ڪائنات امتياز چيو ته ايشيا ڪپ پاڪستان آڻڻ هدف آهي، هن وقت هڪ ئي مائنڊ سيٽ آهي ته تسلسل سان کيڏون، انفرادي طور ڪيئي پليئرز سٺو پرفارم ڪري رهيا آهن پر ٽيم جي گڏيل ڪارڪردگي ۾ تسلسل جي کوٽ آهي، جنهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، هارائڻ تي مايوسي ٿيندي آهي، اسان هڪٻئي کي متحرڪ ڪندا آهيون، تنقيد کي هاڪاري وٺندا آهيون ۽ سٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.