حيدرآباد ۾ گهرڀاتين کي هپناٽائز ڪري ڌاڙو هڻڻ جو ڇرڪائيندڙ واقعو، جادوگر عورتون سرگرم؟

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ عورتن جي هڪ ٽولي سموري گهرڀاتين کي هپناٽائز ڪري گهر ٻهاري ورتو.

نجي ٽي وي موجب عورتن حيدرآباد ۾ فورٽ پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ واقع واپاري سهيل شيخ جي گهر ۾ گهڙي فيملي کي هپناٽائز ڪري گهر ۾ موجود روڪ رقم، زيور ۽ لکين رپين جون قيمتون شيون ٻهاري فرار ٿي ويون.

متاثر سهيل شيخ پوليس کي ٻڌايو ته اڻڄاتل عورتون گهر ۾ آيون ۽ اسان کي چيو ته ڪجهه ڪرتب ڏيکارڻو آهي، اسان کين اجازت ڏني.

هن چيو ته ڪرتب ڏيکارڻ بهاني اسان کي هپناٽائز ڪيو ويو ۽ مان پنهنجن ئي هٿن سان 20 تولا سون جا زيور، روڪ رقم ۽ قيمتي شيون سندن حوالي ڪري ڇڏيون.

سموري واردات ۾ اسان جو 40 لک رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي.

رپورٽ موجب پوليس اڻڄاتل عورتن جي ٽولي خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.