انتونيو گوتريس جي پروٽوڪول جي ڀڃڪڙي، پرڏيهي وزارت سنڌ پوليس جي اسپيشل يونٽ تي ڪاوڙجي پئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي پاڪستان دوري دوران پروٽوڪول جي ڀڃڪڙين تي سنڌ پوليس جي اسپيشل يونٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

پرڏيهي وزارت چيف سيڪريٽري کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ (ايس ايس يو) آفيسر زبردستي سيڪريٽري جنرل جي ڪمري ۾ داخل ٿيا، تحفا ڏيڻ جون تصويرون ٺهرايون.

خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته اسپيشل برانچ جي اهلڪارن مهمانن جي ڪمرن ڀرسان ڊيوٽي تائين نه ڪئي.

پرڏيهي وزارت جو خط وصول ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري آءِ جي ۽ گهرو سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف سيڪريٽري خط ۾ لکيو آهي ته ايس ايس يو ۽ اسپيشل برانچ بابت پرڏيهي وزارت جي خدشن تي رپورٽ جوڙي وڃي، صورتحال بابت شروعاتي جاچ ڪري ڄاڻ ڏني وڃي.

واضح رهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو هو.

يو اين سيڪريٽري جنرل جي ڪمري ۾ بنا جازت ايس ايس يو اهلڪارن جي داخلا جي معاملي تي آءِ جي سنڌ ڪراچي پوليس چيف کي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ايس ايس يو اهلڪارن کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها، پروٽوڪولز ۾ مداخلت درست ناهي، هيل تائين جاچ موجب ڪو سينيئر آفيسر ان ۾ ملوث ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.