گوگل جو پاڪستانين لاءِ 15 هزار اسڪالرشپس جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا پليٽ فارم گوگل سمورن پاڪستانين لاءِ پندرنهن هزار اسڪالرشپس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ان کانسواءِ اسڪالرشپس گوگل سرٽيفڪيٽس جي تحت ڊجيٽل ٽريننگ جا موقع به فراهم ڪيا ويندا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽس متعارف ڪرايا آهن جنهن جو مقصد پاڪستانين جي سکيا لاءِ سولا طريقا فراهم ڪيا ويندا جيئن هو روزگار لاءِ ڊجيٽل هنر سکي سگهن.

پنهنجي مشن ”ان لاڪ پاڪستانز ڊجيٽل پوٽينشل“ ۾ گوگل ان عزم کي مضبوط ڪي ۽ ان تحت هلندڙ سال مقامي پارٽنرز انسٽي ٽيوٽ آف رورل مينيجمينٽ ۽اگنائيٽ مدد سان پندرنهن هزار اسڪالرشپس پيش ڪندي هڪ مساوي ۽ جامع ڊجيٽل معيشت کي فعال ڪرڻ جي عزم کي مضبوط ڪيو جنهن ۾ تعليمي ادارا، انڊسٽري پارٽنرز ۽ غير منافع تنظيمون شامل آهن.

هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ان مان مڪمل فائدو وٺڻ سان ٻه هزار ٽيهن تائين پاڪستان ۾ نو کرب پاڪستاني رپيا هر سال معيشت ۾ پيدا ڪري سگهجن ٿا.

آءِ آر ايم ۽ اگنائيٽ جي معرفت گوگل پندرنهن هزار اسڪالرشپس پاڪستاني ماڻهن ڏيندي جنهن سان سرٽيفڪيٽس جو خرچ به بچي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.