وقار يونس کي نسيم شاهه ۾ عظيم ڊينس لِلي نظر اچڻ لڳو

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ فاسٽ بالر وقار يونس نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جي ساراهه ڪندي کيس ماضي جي عظيم بالر سان ڀيٽيو آهي.

پي سي بي جي يوٽيوب چئنل تي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم سان گڏ گفتگو ڪندي وقار يونس چيو ته نسيم شاهه ملڪ جو بهترين فاسٽ بالرن منجهان هڪ آهي.

وقار نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جي ماضي جي عظيم آسٽريلوي بالر ڊينس لِلي سان ڀيٽ ڪندي چيو ته نسيم شاهه جو بالنگ ايڪشن بهترين ۽ ڊينس لِلي سان ملندڙ جلندڙ آهي، سندس رن اپ پڻ شاندار آهي ۽ سڀ کان سٺي ڳالهه سندس بالنگ جي رفتار زبردست آهي.

ان موقعي تي وسيم اڪرم به نسيم شاهه جي ايڪشن جي ساراهه ڪندي چيو ته سندس بالنگ ۾ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي ۽ تازين ميچن ۾ سٺي بالنگ کانپوءِ سندس اعتماد ۾ پڻ وڌيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.