سعودي عرب پهرين خلائي پروگرام ۾ عورت کي خلا موڪلڻ لاءِ تيار

سعودي عرب ٻه هزار ٽيويه ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت کي خلا ۾ موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي

سعودي اسپيس ڪميشن پاران نئين خلائي پروگرام بابت اعلان ڪندي اهو ڳالهه سامهون آئي آهي ته پهرين خلائي پروگرام ۾ عورت کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

خلابازن جي پروگرام تحت سعودي عرب طرفان سعودي شهرين کي مختصر ۽ وڏي خلائي پروازن جو حصو بڻايو ويندو. شهري سائنسي تجربن، بين الاقوامي تحقيق ۽ مستقبل جي خلائي مشنز جو حصو بڻجي سگهندا.

نئون خلائي پروگرام سعودي عرب جي وزن ٻه هزار ٽيهه جو حصو آهي ۽ ان بابت وڌيڪ تفصيل ايندڙ مهينن ۾ ٻڌايا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.