واهپيدارن جي ذاتي ڊيٽا ٽريڪ ڪرڻ تي ميٽا ڪمپني خلاف ڪيس داخل

واهپيدارن جي انٽرنيٽ سرگرمين کي مبينا ٽريڪ ڪرڻ تي ميٽا ڪمپني خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

آمريڪي شهر فرانسسڪو جي عدالت ۾ فيس بوڪ جي ٻن واهپيدارن پاران ڪيس ڪيو ويو آهي.

انهن واهپيدارن الزام هنيو ته ميٽا ڪمپني ايپل جي ٻه هزار ايڪويهه جي پرائيويسي بابت قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي جڏهن ته رياستي ۽ وفاقي قانونن کي نظرانداز ڪندي واهپيدارن جي اجازت کانسواءِ انهن جو ذاتي ڊيٽا گڏ ڪيو ويو آهي.

هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام ايپس ۾اهپيدار جڏهن لنڪس تي ڪلڪ ڪندا آهن ته ويب سائيٽ تي ويندا آهن ته ڪمپني انهن کي ٽريڪ ڪندي آهي.

انهن ٻنهي ايپس ۾ ان مقصد لاءِ ”ان ايپ برائوزر“ ۾ ويب پيجز کوليو ويندو آهي.

ان رپورٽ جي رد عمل ۾ ميٽا تسليم ڪيو هو ته فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام ۾ برائوزر سرگرمين کي مانيٽر ڪيو ويندو آهي پر ڪمپني پاران ان ڳالهه جي ترديد ڪئي وئي هئي.

ميٽا پاران انهن ڪيسز بابت ڪو بيان سامهون ناهي آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.