هڪ ڪرڪيٽ ميچ تان شروع ٿيل ڳالهه هندو مسلم ڇڪتاڻ ۾ تبديل ڪيئن ٿي؟

لسيٽر ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي شهر ليسٽر ۾ جاري ڇڪتاڻ علائقي جي عوام کي ڊپ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اڌ صدي کان ليسٽر ۾ رهندڙ اسماعيل بخاري جو چوڻ آهي ته پرامن شهر ۾ ههڙن منظرن اسان کي لوڏي ڇڏيو آهي، هتي اهڙيون حالتون اڳ ڪڏهن ناهن ڏٺيون.

اسماعيل بخاري چيو ته شهر ۾ سمورين ڪميونٽيز هڪ خاندان جيان رهنديون هيون، جتي رنگ نسل جو ڪو به فرق نه هيو، ڪميونيٽيز ۾ ڏار وجهڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

ڳالهه ٻولهه دوران اسماعيل بخاري چيو ته اميد آهي ته پوليس حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ ڪري کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي، ليسٽر ۾ امن جي فضا جي بحالي لاءِ ڀارتي ڪميونٽي جي قيادت ڪردار ادا ڪري.

ياد رهي ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪ ڀارت ميچ دوران پاڪستاني برٽس ۽ ڀارتي برٽس نوجوانن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو هو جنهن بعد هنيئر تائين ٽيهه کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.