نور بخاري، انجلينا جولي کي پنهنجي ملڪ ۾ ڏسي شرمندگيءَ جو اظهار ڇو ڪيو؟

 

اڳوڻي ماڊل نور بخاري گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري جي خاص نمائندي ۽ هالي ووڊ اداڪارا انجلينا جولي طرفان پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ پاڪستاني شوبز شخصيتن طرفان ٻوڏ متاثرن تائين نه پهچڻ تي شرمندگيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

انسٽا اسٽوري شيئر ڪندي نور بخاري لکيو ته انجلينا کي پنهنجي ملڪ ۾ ڏسي هڪ عجيب شرمندگي ٿي ۽ اسان جا نالي ماتر سيليبرٽيز، جيڪي پنهنجي فلم جي مشهوري لاءِ هر شاپنگ مال ۽ گهٽي گهٽي ۾ نچندا آهن ڪٿي نظر نه پيا اچن.

نور بخاري پنهنجي اسٽوري ۾ گلوڪارا حديقه ڪياني ۽ اداڪارا ريشم لاءِ لکيو ته حديقه ۽ ريشم کي قبول ڪيو ۽ جعلي شخصيتن کي فالو ڪرڻ ڇڏي ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.