مائڪروسافٽ جي نئين ورزن ۾ واهپيدارن لاءِ اڻڳڻيون سهولتون

مائيڪروسوفٽ ونڊوز يارنهن آپريٽنگ سسٽم جي نئين ورزن کي متعارف ڪرايو آهي.

ونڊوز يارنهن ٻه هزار ٻاويهه اپ ڊيٽ نالي هن ورزن کي هڪ سو نوي کان وڌيڪ ملڪن ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي.

مائيڪرو سافت جي هن آپريٽنگ سسٽم ۾ اسٽارٽ مينيو ۽ فائل ايڪسپلورر کي اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻيا مختلف فيچرز به متعارف ڪيا پيا وڃن.

ونڊوز يارنهن آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪرڻ وارين ڊوائيسز ۾ ان ورزن کي ونڊوز اپ ڊيٽ سيٽنگز اسڪرين ۾ وڃي اپ ڊيٽ ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ڪجهه فيچرز آڪٽوبر ۾ آڻيا ويندا.

ڪمپني موجب اسٽارٽ مينيو ۾ تيزرفتاري سان سرچ ڪرڻ سولو هونو جڏهن ته فائل ايڪپلورر ۾ فائلز کي پن ڪري سگهبو.

مائيڪرو سافٽ موجب نئين اپڊيٽ بعد ويهه هزار کان وڌيڪ اينڊرائڊ ايپس ۽ گيمز کي ونڊوز يارنهن تي استعمال ڪري سگهبو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.