يوٽيوب شارٽس به ڪمائي جو وڏو ذريعو بڻجي ويا، اهم اعلان

يوٽيوب تي هاڻي شارٽس وڊيوز مان پيسا ڪمائڻ ممڪن آهي

يوٽيوب طرفان هڪ نئين پروگرام کي متعارف ڪيو ويو آهي جنهن سان واهپيدارن لاءِ شارٽس وڊيوز مان پيسا حاصل ڪرڻ ممڪن آهي.

يوٽيوب پاران پليٽفارم جي مونيٽائزيشن سسٽم کي وسعت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ان وسعت جي نتيجي ۾ تخليق ڪار يوٽيوب پارٽنر پروگرام جو حصو بڻجي سگهندا.

ٻه هزار ٽيويهه جي شروعات کان شارٽس وڊيوز پوسٽ ڪرڻ وارا يوٽيوب پارٽنر پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ درخواست ڏئي سگهندا.

پارٽنر پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ واهپيدارن کي نوي ڏينهن اندر هڪ هزار سبسڪرائبر ۽ هڪ ڪروڙ شارٽس ويوز جو هدف حاصل ڪرڻو پوندو.

ڪمپني موجب ان نئين پليٽفارم تان اشتهارن ذريعي پيسا ڪمائي سگهجن ٿا.

ان ماڊل تحت اشتهارن مان حاصل ٿيندڙ مجموعي رقم مان پنجيتاليهه سيڪڙو واهپيدار پاڻ رکندا جڏهن ته باقي رقم شارٽس ويوز جي بنياد تي ميوزڪ لائسنس رکندڙن ۽ ٻين ۾ ورڇ ڪئي ويندي.

يوٽيوب ”ڪريئيٽر“ نالي سان سيڪشن به متعارف ڪرائيندا.

اهو فيچر رڳو آمريڪا ۾ بيٽا ورزن تي آهي ۽ ٻه هزار ٽيويهه ۾ ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.