ڀارت ۾ اسلامي تنظمين ۽ اڳواڻن خلاف ڪارروائيون، سوين ماڻهو گرفتار

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي جاچ ادارن پاران تيرنهن رياستن ۾ اسلامي تنظيمن ۽ اڳواڻن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اين آءِ اي، اي ڊي ۽ مختلف رياستن جي پوليس رات دير سان مسلم اڳواڻن ۽ اسلامي تنظيمن جي عملدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا.

ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي جاچ ادارن طرفان نئين دهلي، مهارشٽرا، يو پي ، ڪيرالا ۽ راجسٿان سميت مختلف رياستن ۾ ڪارروائيون ڪيون ويون.

پرڏيهي خابرو اداري موجب جاچ ايجنسين دهشتگردن جي مالي مدد جي الزام هيٺ مسلم اڳواڻن ۽ اسلامي تنظيمن خلاف ڪارروائيون ڪيون.

ٻئي پاسي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي انڊيا ۽ پي ايف آءِ جي ڪارڪنن طرفان ڇاپن ۽ گرفتارين خلاف بئنگلور ۽ منگلور ۾ احتجاج ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.