ڌمڪيءَ واري ڪال، شيخ رشيد وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته سندس رهائشگاهه لال حويلي کي ڌمڪي واري ڪال وصول ٿي آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ڌمڪي واري ڪال لال حويلي جي لينڊ لائن نمبر تي وصول ٿي آهي.

شيخ رشيد وارث خان ٿاڻي ۾ قانوني ڪارروائي لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان به چيو هو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ڪالز تي ڌمڪيون ملي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.