طلولا ماير تي خطرناڪ الزام، قيس احمد پنهنجي ۽ آئما جي دفاع لاءِ اچي ويو

پاڪستان ڄائي برطانوي فلمساز، فوٽو گرافر ۽ هدايتڪار قيس احمد اڳوڻي گرل فرينڊ برطانوي ماڊل طلولا جي حوالي سان بيان جاري ڪيو آهي.

قيس احمد پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ بيان شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ”مان طلولا سان پيار ڪندو هئس“.

قيس احمد وڌيڪ لکيو ته جيڪي مونکان پڇن ٿا ته مان طلولا سان ايترو عرصو ڇو رهيس ته مان انهن کي ٻڌايان ٿو ته مان طلولا ماير سان پيار ڪندو هئس، ساڻس رشتي دوران به مان ان جي ڪيترين ئي غلطين کي نظرانداز ڪيو هو جهڙوڪ بدسلوڪي، سنگين رد عمل ۽ منشيات جي استعمال سبب چريائپ جو مظاهرو وغيره.

قيس احمد جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان سدائين پنهنجو پاڻ ۾ طلولا جي لاءِ همدردي محسوس ڪئي آهي، مونکي چڱي ريت خبر آهي ته طلولا کي ڇا گهرجي، ڇو ته ڪيترائي ڀيرا هن مونکان پئسا گهريا، منهنجو انکان اڳ به ذهني مريض ماڻهن سان واسطو رهيو آهي، ائين ٿو لڳي ڄڻ ته طلولا پنهنجي خراب رويي جي پاڻ نمائش ڪري رهي آهي.

قيس واهپيدارن کي مخاطب ٿيندي لکيو ته جيڪڏهن توهان واقعي طلولا جي حمايت ڪيو ٿا ته منهنجي توهان کي گذارش آهي ته ان جي رويي جي حوصلا افزائي نه ڪيو جيستائين ذهني ماهر سندس معائنو نه ڪري وٺن.

واضح رهي ته آئما ۽ قيس طرفان آيل بيانن ۾ پنهنجي مبينا لاڳاپن بابت ڪو به ذڪر ناهي ڪيو ويو نه ئي هنن اهڙي الزامن جي ترديد ڪئي آهي. ٻئي ڄڻا في الحال پنهنجي لاڳاپن جي خبرن تي ٻين کي ذميواري قرار ڏئي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.