قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃڻ وارو مشورو مناسب آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃڻ وارو مشورو مناسب آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل جاويد چيو ته عمران خان عدليا جو احترام ڪري ٿو، هن سدائين قانون جي احترام ۽ حڪمراني جي ڳالهه ڪئي آهي.

فيصل جاويد جو چوڻ آهي ته عمران خان ملڪ لاءِ سوچي رهيو آهي، سندس ٻاهرين ملڪ اثاثا ناهن، سمورن مسئلن جو حل چونڊون آهن، عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

فيصل جاويد وڌيڪ چيو ته ان کان اڳ عمران خان قانون جي پاسداري لاءِ چونڊڻ جو بائيڪاٽ ڪيو هو، منهنجي خيال ۾ قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃڻ وارو مشورو مناسب آهي.

واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي استعيفائن جي مرحليوار منظوري خلاف درخواست تي چيف جسٽس هڪ ڀيرو وري پي ٽي آءِ کي اسيمبلي وڃي ڪردار ادا ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.