اصليت توهان کي خبر ناهي، بيوفائي جي الزامن تي آئما آخرڪار خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ)گلوڪارا آئما بيگ پنهنجي مڱيندي شهباز شگري سان ڌوڪي جي الزام کانپوءِ خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.

آئما بيگ انسٽاگرام اسٽوري تي ڊگهو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن پاڻ تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏنو آهي.

گلوڪارا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي برطانوي ماڊل طلولا ڏانهن اشارو ڪندي لکيو آهي جيتوڻيڪ مان سڄي معاملي کي عزت سان بيان جي ذريعي ختم ڪري ڇڏيو هو پر انجي باوجود به ڪجهه ماڻهن کي خاموش رهڻ گهرجي ها انهن جي الزامن کانپوءِ نه رڳو انهن پر سندن ڪٽنب جي حوالي سان به خراب ڳالهيون ظاهر ٿينديون. مان هاڻي به انهن جي عزت جي ڪري چپ رهڻ چاهيان ٿي.

آئما بيگ چيو ته رڳو هڪ خاص انسان جي ڪري مان نه ڪنهن فوت ٿي ويلن تي ٽوڪون ڪندي آهيان ۽ نه ئي ڪرڻ چاهيان ٿي، ڇو ته اها منهنجي تربيت ناهي. ڪجهه ماڻهو مشهوري کي پنهنجي فائدن جي لاءِ استعمال ڪندا آهن ۽ اهو ظاهر ڪندا آهن ته ڄڻ اهو مظلوم آهن جڏهن انهن جا ويجها ماڻهو سڀ اصليتون ڄاڻن ٿا.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Maliha Rehman (@maliharehman1)

پنهنجي بيان ۾ گلوڪارا چيو ته مان هڪ صدمي مان گذري رهي آهيا، اهو ڄاڻي مان ڊپريشن جي مبتلا ٿي رهي آهيان ته ماڻهن کي اصل حقيقت جي ڪا خبر ناهي. پر اهي ماڻهو جن کي سستي شهرت، پيسو ۽ فالوورز گهرجن مهرباني ڪري انهن کي اهو سڀ ڪجهه ڏنو وڃي ته جيئن اهي زندگي ۾ اڳتي وڌي سگهن.

هن آخر ۾ ان معاملي ۾ اڻڄاڻ ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ توهان کي سڀ ڪجهه خبر پئجي ويندي.

اهڙي پوسٽ آئما بيگ جي اڪائونٽ تي گذريل شام ڪئي وئي هئي هاڻي سڀ اسٽوريز ختم ڪيون ويون آهن. هن رات جي وقت هڪ ٻئي اسٽوري شيئر ڪئي جنهن ۾ هن وائرل وڊيوز، چيٽنگ جا اسڪرين شاٽ ۽ وائيس ڪالز بابت چوڻ هو ته اهو سڀ ڪجهه مونکان چورايو ويو هو، مونکي اهو سڀ ڪجهه چوڻ لاءِ چيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.