ٻوڏ بعد ملڪ ۾ صحت ۽ خوراڪ جي بحران سبب اربين ڊالر امداد جي ضرورت آهي: بلاول

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته طالبان عالمي برداري ڪيل واعدا پورا ناهن ڪيا.

پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته طالبان عالمي برداري سان ڪيل واعدا پورا ناهن ڪيا، واعدا نه پاڙڻ سبب سندن حڪومت کي تسليم نه ڪيو ويو، طالبان پاران نياڻين کي اسڪول وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ڏک ٿيو.

پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اڄوڪو ڀارت بدلجي چڪو آهي، اهوهاڻي سيڪولر ڀارت ناهي رهيو ۽ هندوتوا دستي جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن جي قيمت مسلمان ۽ مسيحي اقليت ادا ڪري رهي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب پندرنهن سئو کان وڌيڪ انسان اجل جو شڪار بڻيا، ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان صحت ۽ خوراڪ جهڙن بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هن وقت ٽيهه ارب ڊالر امداد جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.