عمران خان صرف گجندو، وسڻ وارن مان ناهي!

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  ملڪ ۾ رهندڙ هر ماڻهون ۽ سياسي ڪارڪن کي عمران خان جي طرز سياست مان محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪو وڏو سياسي ٽڪراءُ  ٿيڻ وارو آهي، پر حساس ادارن جي رپورٽ آهي ته عمران خان رڳو گجندو وسڻ جي سگهه منجهس ڪانهي نه ئي تاحال ڪارٿابندي ڪئي اٿائين شايد!  هو ڌمڪيون ڏئي ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.

نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته ماضيءَ ۾ عمران خان وٽ عليم خان، جهانگير ترين جهڙا اي ٽي ايم ۽  ادارن جا ڪلها هئا جن تي سوار ٿي ڪنٽينر تي چڙهيو هو هن ڀيري حالتون بلڪل مختلف آهن، عمران خان وفاق ۽ صوبن ۾ جهيڙو ڪرائڻ چاهي ٿو اهو عمل باهه سان کيڏڻ برابر  آهي. جنهن ۾ عمران خان ئي سڙي ڀسم ٿيندو، ڇو ته عمران خان اڃا تائين احتجاج جي ڪابه رٿابندي نه ڪئي آهي.

جڏهن ته حڪيم راڻا ثناءُ الله  سموري تياري ڪري ورتي آهي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي مڇرن سان تشبيهه ڏيندي دونهين دکائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. عمران خان ڊي چوڪ طرف وڌڻ  جي ڪوشش  ڪئي ته دونهين دکي ويندي ۽ جيڪڏهن وفاق  ۽ صوبن کي آمهون سامهون ڪرڻ جي خطرناڪ حرڪت ڪئي ته پوءِ عمران خان ڪرنٽ کان  بچي نه سگهندو، شهباز گل جي گرفتاريءَ  کان ويندي آزادي تائين وارا منظر پي ٽي آءِ جا ڪارڪن  ۽ حامي ڏسي گهڻو سبق به سکي چڪا آهن، جنهن جو عمران خان کي اندازو ئي نه آهي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز خميس 2022-09-22 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.