سنڌ ۾ ڊينگي بي لغام، متاثرن جو انگ سرڪاري تعداد کان گهڻو وڌيڪ

ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ ۾ ڊينگي ڪيسن تي ضابطو نه آيو، 24 ڪلاڪن اندر صوبي ۾وڌيڪ 323 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.صحت کاتي پڌرائي  موجب ڪراچي ۾ 261، حيدرآباد ۾ 46، ميرپورخاص پنج ۽ شهيد بينظير آباد ۾ ڊينگي جا ٽي ڪيس ظاهر ٿيا آهن. صوبي ۾ هلندڙ مهيني ڊينگي ڪيسن جو انگ 3917 ٿي ويو، هوڏانهن صحت جي ماهرن ڪراچي ۾ ڊينگي سبب موت ٿيڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي انگن اکرن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ٻڌايو ته ڊينگي سبب موت ۽ ڪيسز جو انگ وڌيڪ آهي،هنن افسوس ڪندي چيو ته حڪومت پاران گهڻن مڇرن وارين جائن تي موجوده وقت تائين ڪو به اسپري نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته بخار سان گذريل ڪجهه مهينن جي دوران شهر ۾ ڪيتريون فوتگيون ٿي چڪون آهن ۽ ڪيسز ۾ واڌارو ايندو پيو وڃي.هنن چيو  ته ڳڻتي جوڳي صورتحال جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڊينگي جي ڄاڻ رڳو ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي مرڪزي ليبارٽري روزانو اٽڪل هڪ هزار نمونن جي جاچ ڪندي رهي آهي جڏهن ته پنجاهه سيڪڙو ڪيس هاڪارا ايندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.