ڪرپشن پاڪستان جو وڏو مسئلو آهي: سراج الحق

لاهور(پ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته وياجي  معيشت، ڪرپشن ۽ بدانتظامي تباهي جا سبب آهن. قوم ٻوڏ دوران متاثرن  لاءِ جنهن جذبي جو مظاهرو ڪيو اهو بي مثال آهي، ان مان ثابت ٿي ويو آهي ته جيڪڏهن ملڪ کي قابل ۽ ايماندار ليڊر ملي ته هي قوم عظيم بڻجي ويندي ۽ دنيا جي اڳواڻي ڪندي، گلگت ۾ خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته موجوده ۽ گذريل حڪومتون پاڪستان جي تباهه ٿيل معيشت جون ذميوار آهن. ٻيو وڏو مسئلو ڪرپشن آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪن، سرڪاري امداد جي ورڇ ۾ شفافيت ڪئي وڃي ۽ ماڻهن کي گهرن جي تعمير لاءِ رقم فوري طور ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.