حدون پار ڪرڻ باوجود ڪو به ادارو عمران خلاف ايڪشن نٿو کڻي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هن وقت سنڌ حڪومت برسات۽  ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال تي فوڪس  ڪري رهي آهي، متاثرن لاءِ 2925 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾  673353 ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ ڊينگي ۽ مليريا جي خاتمي لاءِ صحت کاتو ۽ ضلعي انتظاميا گڏيل طور تي اسپري ڪري رهيا آهن ھن چيو تہ سنڌ حڪومت  پاڻي جي نيڪال تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، حڪومت متاثر ماڻھن لاءِ گهر به ٺاهي ڏيندي، جتي امدادي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، اتي ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان وٽ پاڪستان جو جيڪو نقشو آهي، ان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان شامل ئي ناھن . عمران خان جنهن پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي سمجهي ٿو ته جتي به پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي اهو پاڪستان جو حصو آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي نالي تي ڪوڙي ٽيلي ٿون ۽ چندا گڏ ڪرڻ جي ڪوڙي مهم هلائي وئي، اهو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ڪيو ويو.  هن چيو ته عمران خان جي جيتري به سياست رهي آهي، اينٽي سنڌ رهي آهي، هي ماڻهو ان ٽچ ايبل (untouchable) بڻيل آهي. هن سموريون ريڊ لائينون ڪراس ڪيون آهن، ملڪ جو ڪو به ادارو ايڪشن نٿو وٺي. هي شخص سمورن رياستي ادارن جي سربراهن کي تڪراري بڻائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.هن چيو ته چڪوال ۾ ھن ڪجھ ڏينهن اڳ چڪوال جلسي ۾ بيھودا ٻولي استعمال ڪئي آهي. بزدل شخص ۾ ايتري همت ناهي ته  مسٽر ايڪس ۽ مسٽر واءِ جو نالو وٺي سگهي،  ھن چيو ته حڪومت وٽ ڪڻڪ جي سپلائي جو 25 سيڪڙو اسٽاڪ هوندو آهي، جڏهن ته باقي خانگي شعبي ۾ مل مالڪ خريد ڪندا آهن. سنڌ حڪومت جي هن ڀيري  پاليسي آهي ته  سرڪاري ڪڻڪ جاري ڪئي وڃي ان جي سبسڊي جو فائدو غريب تائين پهچي. هي ٽارگيٽڊ علائقن ۾ ڏني وڃي. هي ٽارگيٽڊ سبسڊي هوندي جيڪا حقيقي حقدارن تائين پهچائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.