50 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن جا ڪيس ئي ورتا ويندا: نيب پڌرائي

اسلام آباد ( م ڊ ) نيب قومي احتساب ترميمي ايڪٽ 2022 تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.نيب چيئرمين آفتاب سلطان جي  صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيب بابت نئين قانون عملدرآمد ڪيو ويندو.نيب پڌرائي موجب 50 ڪروڙ کان مٿي جا ڪرپشن جا ڪيسز ورتا ويندا ۽ فراڊ وارن ڪيسز ۾ متاثرن جو انگ گهٽ ۾ گهٽ 100 هجڻ تي ڪيس ورتو ويندو .نيب جو چوڻ آهي ته احتساب عدالتن وٽان واپس موڪيل ڪيس سيشن ڪورٽ ڏانهن اُماڻيا ويندا.نيب پڌرائي موجب خانگي ماڻهن ڏانهن ريفرنس قانون پٽاندڙ ڪارروائي لاءِ واپس موڪيا ويندا ۽ واپس اُماڻيل ڪيسز لاڳاپيل اختيار رکندڙ عدالتن ڏانهن موڪليا ويندا، ٻئي پاسي نيب جي اڳوڻي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل ذوالفقار ڀٽه بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته جهڙي طريقي سان تڪڙ ۾ نيب آرڊيننس ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن، ان مان ظاهر اهو ٿو ٿئي ته انهن ترميمن سان ڏوهاري ماڻهن لاءِ ڪرپشن جا دروازا کوليا ويا آهن، نيب جي اڳوڻي ڊپٽي پراسيڪيوٽر راجا عامر عباس چيو ته سپريم ڪورٽ واضح ڪري چڪي آهي ته ڪنهن مخصوص ماڻهو لاءِ مخصوق قانون نٿا بڻائي سگهجن، نيب آرڊيننس ۾ ترميمون ڪري ان اداري جي تشخص کي ئي ختم ڪيو ويو، هوڏانهن سما نيوز موجب نئين قانون تحت 100 هاءِ پروفائيل ڪيسن جي جاچ هاڻي نيب نه لاڳاپيل کاتا ڪندا، هاءِ پروفائل شخصيتن تي 700 ارب رپين جي ڪرپشن جا الزام هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.