ماڻهو برساتي پاڻي ۾ مري رهيا آهن، آفيسر ۽ سنڌ حڪومت ڇا ٿي ڪرڻ چاهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

سکر(رپورٽر) سکر، خيرپور، گهوٽڪي ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ ڪامورن پاران هٿرادو ڪٽ هڻڻ توڙي پاڻي جا قدرتي لنگھ بند ڪرڻ خلاف مختلف ماڻهن پاران داخل درخواستن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس جي عدالت ۾ ٿي ٻڌڻي دوران وڪيل شبير شر، شبير علي بوزدار ۽ ٻين وڪيلن پاران عدالت کي شهرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ توڙي سرڪار پاران هٿ سان ڪٽ ڏئي شهر ٻوڙڻ سان گڏ برساتن سبب ڦهلجندڙ وبائي بيمارين ۽ صحت کاتي جي لاپرواهي بابت عدالت کي آگاهي ڏيندي روهڙي ڪئنال ۾ آبپاشي کاتي پاران ڇڏيل پندرهن سئو ڪيوسڪ پاڻي فوري روڪڻ جي استدعا ڪندي آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميا پاران پاڻي نيڪال ٿيڻ واري رپورٽ تي اعتراض واريندي فوري ڪمشنر مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪئي، ٻئي طرف عدالتي حڪم باوجود اسڪارپ کاتي جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ چيف انجنيئر پيش نه  ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا سنڌ حڪومت آبپاشي کاتي ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي بدلي بعد نئون ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ گهري ٿا يا نه؟ سنڌ حڪومت جي وڪيل کان سخت پڇاڻو ڪندي چيو ته ماڻهو برساتي پاڻي سبب مري رهيا آهن پر سنڌ سرڪار آفيسر جي مقرري نه  پئي ڪري جڏهن ته چيف انجنيئر عدالتي حڪم باوجود پيش ناهي ٿيو آخر آفيسر ۽ سنڌ حڪومت ڇا ڪرڻ گهري پئي، عدالت چيف انجنيئر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي سڀني ايدمنسٽريٽرن کي شهرن ۽ ڳوٺن مان فوري پاڻي جي نيڪال جو سختي حڪم ڏنو جڏهن ته عدالت گمبٽ کهڙا شهر جو پاڻي هڪ هفتي ۾ ڪڍڻ سان ٺري ميرواھ، ڪوٽ ڏجي ۽ خيرپور ضلعي جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي جي نيڪال ۽ هٿرادو ڪٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندي آبپاشي کاتي تڪڙا اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي عدالت گهوٽڪي جي مختلف هنڌن تان قدرتي لنگهن کي بند ڪرڻ بابت داخل مختلف درخواستن تي پڻ گهوٽڪي جي ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪندي قدرتي لنگھ کولڻ ۽ پاڻي جي فوري نيڪال جي هدايت ڪندي وڌيڪ تفصيلي آرڊر سڀني سول ججن جي رپورٽ پڙهڻ بعد جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ايندڙ آڪٽوبر مهيني جي پنج تاريخ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.