ڇنڇر کان تحريڪ جو اعلان، ايجنسيون قانون پيون ٽوڙين: عمران خان/مارچ ۾ ساٿ ڏيندڙ صوبن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ڊي چوڪ ايندڙن کي ڦيهه ملندي: وفاقي سرڪار

لاهور ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڇنڇر کان تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪي توهان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن کين واپس ڌمڪيون ڏئي ٻڌايو ته آئين مونکي اظهار  جي آزادي جو حق ڏنو آهي.لاهور ۾ وڪيلن جي ڪنونشن جي خطاب ڪندي عمران خان وڪلين کي چيو ته توهان کي هن ملڪ ۾ قانون ۽ حڪمراني لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، مونکي ملڪ جي بهتري لاءِ وڪيلن جي گهرج آهي.عمران چيو ته جڏهن لانگ مارچ جو سڏ ڏيندس تڏهن قوم سان گڏ توهان وڪيلن کي به نڪرڻو پوندو، اسان گڏجي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪنداسين ۽ پاڪستان کي حقيقي آزادي ڏيارينداسين.هن چيو ته جنهن معاشري ۾ قانون جي حڪمراني ناهي هوندي اهو تباهه ٿي ويندو آهي، جڏهن کان پرڏيهي سازش ڪري مخالف اقتدار ۾ آيا آهن، انهن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، اسان اهڙن ماڻهن کي اقتدار ۾ آڻي پنهنجي نوجوان نسل کي اهو پيغام ڏئي رهيا آهيون ته وڏو ڌاڙيل ماريو ڇاڪاڻ ته هتي ننڍو چور پڪڙيو ويندو آهي.عمران خان حڪمران اتحاد تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن پاڻ مٿان نيب ڪرپشن ڪيسز ختم ڪرائي ڇڏيا، ايجنسين جن جو ڪم قانون جي حڪمراني قائم ڪرائڻ آهي اهي قانون ٽوڙي رهيون آهن، هن ملڪ ۾ طاقتور سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو اسان پاڪستان کي دُٻڻ مان ڪڍنداسين، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني جي ضرورت آهي، جيستائين قانون جو نظام ٺيڪ نه ٿيندو معيشٽ درست نه ٿيندي، امير ۽ غريب ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني ۾ فرق آهي، غريب ملڪن ۾ قانون ته آهي پر انصاف ناهي جڏهن ته امير ملڪن ۾ قانون جي ئي حڪمراني آهي،

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته توشاخانه ريفرنس ۾ چور سڳ سوڌو پڪڙيو ويو آهي، عمران خان 26 سيڪڙو  جو فراڊ ڪيو، سون جا قلم چورايا آهن، شوڪت خانم اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي جي اڪائونٽس جي جاچ ڪريون ته ان ۾ به عمران خان جي چوري پڪڙي ويندي، عمران خان توهين عدالت ڪئي آهي جيڪا ثابت آهي، هاڻي عمران خان معافي گهرندو ته اها توهين عدالت ختم نه ٿيندي جيڪي صوبا عمران خان جي لانگ مارچ جي سپورٽ ڪندا اهي آئين جي خلاف وزري ڪندا ۽ اهڙي ۾ وفاقي حڪومت آئين موجب قدم کڻندي. هن چيو ته جيڪي صوبا عمران خان جي لانگ مارچ جي سپورٽ ڪندا اهي آئين جي خلاف ورزي ڪندا ۽ اهڙي ۾ وفاقي حڪومت آئين موجب قدم کڻندي، هن چيو ته عمران خان ڊي چوڪ ڏانهن اچڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڦيهه ڪڍندس،ايف نائن پارڪ ۾ احتجاج ڪري، پاڳل ۽ احمق شخص سان ڪي به ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، هن وقت اسلام آباد جا رستا هارين جي احتجاج سبب بند آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.