پاڪستان کي هن وقت دنيا جي مدد جي ضرورت آهي: آمريڪي صدر

نيويارڪ(م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن موسمياتي تبديلي کي عالمي دنيا لاءِ وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي  تبديلي سبب ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ان جواڪثر حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، پاڪستان کي هن وقت سڀني جي مدد جي ضرورت آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي قيمت انسانيت کي ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، آمريڪا يوڪرين جي ڀرپور مدد ڪري رهيو آهي، يوڪرين جي جنگ رڳو هڪ شخص جي آهي، ٻئي پاسي وزيراعظم شهبازشريف جي آمريڪي صدر جي خاص نمائندي جان ڪيري سان ملاقات ٿي، جان ڪيري چيو ته آمريڪا انفرا اسٽرڪچر جي ٻيهر تعمير ۾ اشتراڪ سان پاڪستان سان سهڪار لاءِ تيار آهي، آمريڪا مستقبل ۾ اهڙي بحران کان بچڻ ۾ سهڪار لاءِ به تيار آهي، وزيراعظم آءِ ايم ايف جي ايم ڊي  ڪرسٽالينا جارجيوا ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپاس سان به ملاقات ڪئي  ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن وزيراعظم سان ملاقات ۾ ٻوڏ متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ آمريڪا پاران هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.