خبر آهي ته افغان ڪئمپ ۾ ڪير ٿو اچي، ادارا ڪارروائي کان ڊڄن ٿا: عدالت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ افغان آبادي مان  حدخليون ختم ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڪي ڊي اي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل اياز انصاري چيو ته فليٽس جي جڳهه تي 90 کان قبضو آهي، نعمت الله خان جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ حددخليون ختم ڪرايون، جسٽس حسن اظهر رضوي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته پوءِ اسان جي حڪم جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته افغان ڪئمپ ۾ انتظاميا ۽ ادارا وڃڻ کان ڊڄن ٿا، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اهو سچ آهي، عدالت ڪيترائي ڀيرا حڪم ڏنا آهن پر نتيجو ڪجهه به ناهي نڪتو، اسان کي سڄي خبر آهي ته اتي ڪير ڪير ٿو اچي، فيصلن تي عمل  ڇو نٿو ٿئي .درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن عدالت حڪم ڏئي ته صورتحال بهتر ٿيندي عمل درآمد به ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.