ايندڙ سال پاڪستاني معيشت جي اوسر شرح 3.5 سيڪڙو رهندي: اي ڊي بي

اسلام آباد(م ڊ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته تازي بدترين ٻوڏ، مالياتي ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن لاءِ سخت گير پاليسين سبب  مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ لڪ 2022ع جي نالي سان شايع ٿيل رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2020ع ۾ 6 سيڪڙو واڌ جي باوجود هاڻوڪي بدترين ٻوڏ، مالياتي ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن لاءِ سخت گير پاليسين سبب مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين رهندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 2022ع ۾ مقامي گهرج ۾ اضافو، زراعت، خدمتن ۽ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ نمايان واڌ سبب جي ڊي پي ۾ 6 سيڪڙو اضافو ممڪن ٿيو تنهن هوندي به 2023ع ۾ ماحولياتي رڪاوٽن، ڊبل ڊيجٽ ناڻي واڌ ۽ سخت مالي ۽ مالياتي پاليسي سبب پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي اڳڪٿي کي گهٽ رکيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻڌايو ته تازي بد ترين ٻوڏ پاڪستان جي معاشي منظرنامي لاءِ وڏا خطرناڪ خدشا پيدا ڪيا آهن، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي سرگرمين لاءِ چڱي خاصي عالمي مدد حاصل ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.