پاڪستان خلاف نعرا هڻندڙ افغانين کي ملڪ ۾ رهڻ جو حق ناهي: نور عالم خان

اسلام آباد ( م ڊ ) افغان شهرين جي پاڪستان ۾ غيرقانوني موجودگي تي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي ميمبر ڪڙڪي پيا، نور عالم خان چيو آهي ته افغان پاڪستان رهندي پاڪستان لاءِ مردا آباد جا نعرا هڻن ٿا کين هتي رهڻ جو حق ناهي.پي اي سي چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو نور عالم خان چيو ته افغان شهرين کي ڪراچي جهڙي شهر ۾ کليل ڇڏيو ويو آهي، ملڪ جي هر شهر ۾ افغاني بنا دستاويزن جي ڦري رهيا آهن جيتوڻيڪ ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ افغانين لاءِ ميڪنزم موجود آهي.هن  چيو ته هتي جيڪو دهشتگرد پڪڙيو ويندو آهي اهو افغاني هوندو آهي، ڪراچي ۾ ڌاڙن، ڦرن ۽ چورين ۾ سڀ کان وڌيڪ افغاني ملوث آهن ۽ رڳو ڪراچي ئي نه پر پشاور ۽ اسلام آباد ۾ پڻ اهڙي ئي صورتحال آهي.سندس چوڻ هو ته افغاني پاڪستان جي ماڻهن جا روزگار کسيا آهن ۽ وري پاڪستان ۾ رهندي پاڪستان مردا آباد جا نعرا هڻي رهيا آهن، جرئت اٿن تي آمريڪا وڃي آمريڪا مردا آباد جا نعرا هڻي ڏيکارين. سينيٽر سليم مانڊوي والا انڪشاف ڪيو ته دبئي مان ٽي سئو اسي ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي وٽن پاڪستاني پاسپورٽ هو، اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته ملازمت تان رٽائرمينٽ بعد نادرا جا 500 ملازم پاڪستاني شهريت ڇڏي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.