نارووال ريفرنس ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار؟ احسن اقبال جو عمران تي الزام

اسلام آباد(م ڊ) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان هن وقت بحراني ڪيفيت مان گذري رهيو آهي. گذريل 4 سالن ۾ اسان جي ترقياتي بجيٽ جو ڳاڻيٽو وڌڻ بجاءِ سڪڙجي ويو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان نيب سان گڏجي مون خلاف ڪيس ٺاهيا، نارووال اسپورٽس سٽي رٿا خلاف اخبارن ۾ بي بنياد خبرون شايع ڪرائي پروپيگنڊا ڪئي وئي پر هاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن هن کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اهي ڪيس قائم ڪرائڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار هو ته هن چيو ته خالص طور تي عمران خان جي خواهش تي ڪيس ٺاهيا ويا، هوڏانهن سما ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آرمي چيف وزيراعظم شهبازشريف ئي مقرر ڪندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.