پ پ اڳواڻ فرزانه راجا خلاف ڪرپشن ريفرنس واپس

اسلام آباد ( م ڊ) اسلام آباد جي احتساب عدالت پ پ  اڳواڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اڳوڻي چيئرپرسن فرزانا راجا خلاف ريفرنس واپس موڪلي ڇڏيو آهي.احتساب عدالت فرزانا راجا خلاف ريفرنس نيب ڏانهن واپس اُماڻي ڇڏيو.نيب ريفرنس موجب فرزانا راجا ۽ ٻين جوابدارن تي 540 ملين جي مبينا ڪرپشن جو الزام هو.احتساب عدالت طرفان فيصلو ڪيو ويو آهي ته نيب ترميمي ايڪٽ 2022 تحت ريفرنس اختيارن واري دائري ۾ نٿو اچي، جنهن لاءِ نيب لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.