پاڪستان ۾ 80 لک ٻوڏ متاثرن لاءِ پناهگاهن جي کوٽ آهي: گڏيل قومون

نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان ۾  تباهه ڪُن ٻوڏ سبب 76 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 1500 کان وڌيڪ فوت ۽ اٽڪل 80 لک بي گهر ٿي چڪا آهن. سنڌ صوبي جو ڏاکڻو علائقو بدستور پاڻيءَ هيٺ هجڻ ڪري بحران جو شڪار آهي. ٻوڏ بعد امدادي سرگرمين ۾ مصروف گڏيل قومن جي ذيلي ادارن جي گڏيل بيان مطابق پاڪستان جي قدرتي آفت سبب متاثر علائقن ۾ جتي امدادي شين جي سخت ضرورت آهي، اتي متاثرن تائين پهچڻ به ڏُکيو آهي، يونيسيف جي چيف آف فيلڊ آفيس بلوچستان گيريڊا بيروڪيلا بلوچستان جي حالت بيان ڪندي چيو ته هتي ٻوڏ سبب رستا ۽ پُلون پاڻيءَ جي وهڪري ۾ وهي ويون آهن ۽ هن وقت به ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي. هن چيو ته هاڻي ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ دماغي مليريا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن جن جي علاج لاءِ دوائون به دستياب ناهن.

  • سپريم ڪورٽ  پاران خسرو بختيار ۽ هاشم جوان بخت جي نااهليءَ بابت درخواستون خارج

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير  مخدوم خسرو بختيار ۽ هاشم جوان بخت جي نااهليءَ بابت درخواستون خارج ڪري ڇڏيون. سپريم ڪورٽ طرفان ان موقعي تي قرار ڏنو ويو ته درخواستگذار اثاثا لِڪائڻ جا شاهد اليڪشن ڪميشن ۾ فراهم ناهن ڪري سگهيا. صرف نيب کي ڏنل شڪايت جي بنياد تي ٻن اسيمبلي ميمبرن کي نااهل قرار نٿو ڏئي سگهجي. درخواستن جي ٻُڌڻي اربع ڏينهن هتي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران عدالت طرفان پُڇيل سوالن تي مطمئن نه ڪرڻ تي جسٽس اعجاز الاحسن درخواستگذار جي وڪيل احسن عابد تي ڪاوڙ ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اوهان کان سوال ڪيو ٿو وڃي ته آسمان طرف ڇو ڏسڻ لڳندا آهيو؟ ڇا توهان کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش هئڻ جي ادبن جي خبر ناهي آهي؟ جسٽس عائشه اي ملڪ ان موقعي تي ريمارڪس ڏنا ته جنهن دستاويز تي اوهان ڀاڙي رهيا آهيون اهو نيب کي داخل ڪيل شڪايت آهي. ڇا صرف نيب کي ڏنل شڪايت جي بنياد تي ٻن اسيمبلي ميمبرن کي نااهل ڪري ڇڏيون؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.