پرويز الاهي نيٺ شجاعت وٽ شفا لاءِ پهچي ويو، عمران کي ڦيراٽيون

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  پنجاب جي وڏ وزارت بچائڻ لاءِ چوڌري پرويز الاهي آخرڪار چوڌري شجاعت حسين وٽ شفا لاءِ پهچي ويو، اها ملاقات خاندان جي هڪ عورت ڪرائي آهي.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته چوڌري پرويز الاهي ملاقات دوران چوڌري شجاعت آڏو وضاحتون ڪيون،معافيون گهريون جنهن کانپوءِ اهو طئه ٿيو ته ٻي ملاقات مونس الاهي ۽ چوڌري سالڪ جي موجودگي ۾ ٿيندي چوڌري شجاعت پرويز الاهي  کي به وقت ڏنو ته سوچي وٺو ته اوهان ڪهڙي سياست ڪرڻ چاهيو ٿا، عمران خان سان گڏ جي اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙو ڪرڻ چاهيو ٿا يا پي ڊي ايم طرف اچڻ چاهيو ٿا حتمي فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي، ان بعد ئي پي ڊي ايم سان رابطو ڪيو ويندو.

صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته (ن) ليگ جي ايم پي اي عظميٰ  بخاريءَ به اشارو ڏنو آهي ته  پرويز الاهي  کي هٽائڻ جي ڪا جلدي نه آهي. ان جو مطلب ته اندر ئي اندر ڪا کچڙي پچي رهي آهي. ٻئي طرف عمران خان پنجاب ۽  ڪي پي ڪي حڪومتن جي سهاري سان اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ جي تياري به ڪري رهيو آهي ۽ ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي، پر جيڪڏهن ان کان اڳ پرويز الاهي پي ڊي ايم سان معاملا طئه ڪري ورتا ته عمران خان جو خواب چڪنا چور ٿي ويندو.
ان جا امڪان ان ڪري به آهن ته پرويز الاهي  ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙو ڪرڻ نه چاهيندو، ڇو ته هو سياڻو ۽ پراڻو سياستدان آهي، ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻ  آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙي جا ڪهڙا نتيجا نڪرڻا آهن. ٻئي طرف ڏسڻو اهو آهي ته پي ڊي ايم خاص طور (ن) ليگ  پرويز الاهي کي قبول ڪري ٿي يا نه ۽ ڪهڙي حيثيت ۾ قبول ڪري ٿي ڇا کيس وڏي وزير طور قبول ڪيو ويندو يا پراڻي پوزيشن يعني اسپيڪر طور قبول ڪيو ويندو. ڇو ته پرويز الاهيءَ  کي پڪ ٿي وئي آهي ته  پي ڊي ايم کيس وڏ وزارت تان هٽائڻ جا سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.

عمران خان جو ساٿ ڏنو ته وفاق  وٽ گورنر راڄ  لاڳو ڪرڻ جو آپشن به موجود آهي، ان ڪري پرويز الاهي هڪ طرف خانداني ذريعن ذريعي چوڌري شجاعت  کي پرچائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون آهن ته ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ ذريعي به چوڌري شجاعت ۽ پي ڊي ايم کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،  اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪالهه جڏهن  عمران خان وزيراعليٰ  هائوس پهتو ته پي ٽي آءِ جي سينيئر  وزير اسلم اقبال ان جو استقبال ڪيو پرويز ۽ مونس الاهي غائب هئا، هاڻي پي ڊي ايم ۽ پرويز الاهي وڏي امتحان ۾ پئجي ويا آهن.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز خميس 2022-09-22 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.