پنگريو پوليس فائرنگ ۽ شيلنگ بعد 162 ٻوڏ متاثرن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو!!

پنگريو(ن ع آ) پنگريو ۾ شادي ھال ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪيل ڪئمپ ۾ امدادي سامان ڦر ڪرڻ ۽ پوليس تي مبينا حملي ڪرڻ جو ڪيس پنگريو ٿاڻي تي 12 ڄاتل ۽ 150 اڻ ڄاتل ماڻهن تي سرڪاري مدعيت ۾  ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. واضح رھي ڪجهه ڏينهن اڳ پنگريو جي شادي ھال ۾ ضلعي انتظاميه پاران امدادي سامان جي ورهاست ڪرڻ ۾ دير ڪندي بغير ورھاست جي امدادي سامان پوليس جي نگراني ۾ ٻئي پاسي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن دوران پوليس ۽ پنج ڪلاڪ کان انتظار ۾ بيٺل ٻوڏ متاثرين وچ ۾ چڪريون ٿيون هيون. جنهن دوران پٿراءُ ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا، جڏهن ته پوليس جي شيلنگ ۾ پنج ٻوڏ متاثر عورتون پڻ زخمي ٿيون ھيون، پوليس موبائل ۽ امدادي سامان کڻي آيل ٽرڪن کي پڻ نقصان پهتو هو. مذڪوره واقعي جو ڪيس پنگريو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.