ڪٽ نه هڻڻ خلاف نئون ڪوٽ، جهڏو، پنگريو، ملڪاڻي ۽ ٽنڊوجان محمد ۾ هڙتال

نئون ڪوٽ / جهڏو / پنگريو / انب موري( رپورٽ: زاهد مغل + اسحاق ساگر +  علي احمد جروار) پراڻ ڍوري کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ هڻڻ ۽ قدرتي وهڪرا بحال ڪرڻ لاءِ  هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان  حوالي سان نئون ڪوٽ ۾ ايل بي او ڊي ۽ پراڻ ڍوري کي ڪٽ لڳائڻ جي حمايت  ۾ واپاري ايسوسيئيشن جي سڏ تي ڪ ڪلاڪ ڪاروبار بند رکيو ويو، اڪثر واپارين جو چوڻ ھو ته جيڪڏهن  واپاري ايسوسيئيشن  کي شھر کي ٻڏڻ کان بچائڻ جو ايترو فڪر آهي ته پوءِ زيرو پوائنٽ تي ڇو نٿا وڃن، باقي اجايو ھڙتالون ڪري ڪاروبار تباھ نه ڪيو وڃي.هوڏانهن پنگريو شھر ۽ ملڪاڻي شريف ۾ به شٽر بند هڙتال ڪئي ويئي. پنگريو شھر ۾ شٽر بند هڙتال ڪرائي شهرين پريس ڪلب پنگريو آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي شھرين چيو ته ايل بي او اسان جا ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آھن ۽ پاڻي اڃا به وڌندو پيو وڃي پر انتظاميه اڃا تائين ڪي به اپاءُ نه ورتا آھن. ھنن چيو ته حڪمران جماعت ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ ٻڏل ڳوٺن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪوششون وٺڻ بدران پنھنجي سياست چمڪائڻ ۾ پوري آھي. ٻي پاسي جهڏو ۾ به شهرين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، شهر جا ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، اسٽيشن روڊ، انور عادل مارڪيٽ، محمدي مارڪيٽ، سبزي مارڪيٽ سميت ننڊا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، شهري ايڪشن ڪاميٽي، واپاري ايسوسيئيشن ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ گڏجي مين مٺي ميرپورخاص روڊ تي ٽائون ڪميٽي وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي پنج ڪلاڪ تائين روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن اياز کوسو، اشفاق راجپوت، فضل ميمڻ، عمران لياقت ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته پاڻي جا قدرتي لنگھن تان قبضا هٽائي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. هوڏانهن ٽنڊو جان محمد ۾ به انجنيئر قاضي ڪرم الله ساند، رئيس احسان جروار ۽ مير اعجاز ٽالپر جي سڏ تي شھر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ۽ شھر جي سياسي سماجي واپاري هاري مزور سڀني  ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري بلاول پيٽرول پمپ کان ريلي ڪڍي،  شھر جي وچ ۾ ڪوچ اسٽاپ تي پهتي ريلي ۾ ماڻھن  زيرو پوائنٽ تان قدرتي پاڻي جي وهڪرن کي رڪاوٽون ڪري ڳنڍا ڏيئي پاڻي جو رستو بند ڪرڻ خلاف سخت نعري بازي ڪئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.