ٿر پوليس گينگ ريپ ڪيس ۾ بااثر جوابدارن کي بچائي ڇڏيو، اڄ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي

ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ )ڪلوئي ڀرسان اغوا ۽ گنينگ ريپ بعد انصاف نه ٿيڻ تي زهر پي زندگي جو ڏيئو اجهائيندڙ ناري جي مامري ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس ٻن جوابدارن ذاڪر چانڊيو ۽ عطاءُ الله کي گرفتار  ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ٻي پاسي چيف جسٽس جي نوٽيس ڪيس تي اڄ ٻڌڻي ٿيندي، جنهن دوران ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر، ايس ايڇ او ڪلوئي ۽ جاچ آفيسر اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پيش ٿي نوٽيس جو جواب ڏيندا، هوڏانهن ڪلوئي پوليس پاران گرفتار ڪيل جوابدارن کي سول ڪورٽ ڏيپلو ۾ پيش ڪيو ويو جتي ڪلوئي پوليس پاران ٽن ڏينهن جو ريمانڊ ورتو ويو، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي جي ڊي ايس پي مٺي پاران صرف جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪري سگهي، جرڳو ڪندڙ بااثر جوابدار ڪارروائي کان آجا رهجي ويا آهن، اهم ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڪلوئي پوليس ۽ جاچ ڪاميٽي پاران جرڳو ڪندڙ کان مبينا طور ڳري رشوت عيوض انهن کي ڪارروائي کان بچايو ويو آهي، جڏهن ته بااثر جي آواز ۾ ناري کان سوال پڇا ڪيا ويا، اها پڻ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن وڊيو بيان ۾ ناري گلشانه سومرو پاران اهو پڻ چيو ويو آهي ته مونکي عطا الله چانڊيو ۽ ٻيو نامعلوم جوابدار گهر ڀرسان گذرندڙ رڻ شاخ جي ڪپر تي قائم ڪيل نلڪي تان پاڻي ڀري رهي هئس ته اتان کان کڻي ويا، ٿورو اڳتي هڪ ڪار ۾ ٻه ٻيا نوجوان موجود هئا جيڪي مونکي وات تي ٽوال سان ٻڌي نامعلوم اوطاق تي کڻي ويا، دانهن رڙين تي جوابدار وري گهر کان ٿورو سائيڊ تي پاڙها برادري جي ڳوٺ وٽ ڇڏي ويا، ٻئي طرف وري بااثر وڏيرا پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ وارثن وٽ ميڙ منٿ لاءِ پهچي ويا ۽ هر ڏنڊ ڀرڻ جو وچن ڪيو ويو آهي پر ناري گلشانه سومرو جي والده ۽ ڀاءُ پاران فيصلو ڪرڻ کان انڪار ڪندي قانوني طريقي سان وڙهڻ جو ويڙهه جو فيصلو ڪيو آهي، انهي موقعي تي هنن وڌيڪ چيو ته اسان مسڪين آهيون ڪلوئي پوليس ۽ جاچ آفيسر بااثر وڏيرن کان وڏي رشوت وٺي اسان کي دٻائي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.